سومرو ڪاشف حسين

سومرو ڪاشف حسين

ڪاشف حسين سومرو

ڪاشف حسين سومرو : اديب ۽ محقق ڪاشف حسين ولد عبدالجبار ’عبد‘ سومرو، 25 مارچ 1982ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هن ديني تعليم ارشاد الصرف تائين حاصل ڪئي، ايم. اي (اردو) ۽ ايم. ايڊ ڪيائين. تعليم دوران ذهين شاگرد رهيو، بحث مباحثي، تقرير ۽ ذهني آزمائش جي مقابلن ۾ حصو وٺي ڪيترا اوارڊ ۽ انعام حاصل ڪيائين، هن ’بيسٽ اسڪائوٽ‘ جو اعزاز به حاصل ڪيو. ڪاشف شاگرديءَ واري عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. عملي زندگيءَ ۾ واپڊا ۾ ميٽر ريڊر ۽ بعد پوليس ڪانسٽيبل ٿيو، آگسٽ 2009ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اردوءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. 2004ع ۾ ’پاڪستان رائيٽرس پوائنٽ‘ پاران ڪرايل اردو ڪهاڻي نويسيءَ جي مقابلي ۾ پوري پاڪستان ۾ پهريون نمبر کنيائين. ڪاشف جي شاعري ۽ لکڻيون سنڌي ۽ اردو ٻولين جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) فاتح سنڌ- غازي محمد بن قاسم، (2) سنڌ جو سرواڻ مولانا عبدالڪريم قريشي (شريڪ ليکڪ)، (3) سوانح حيات حضرت مخدوم شاهه عثمان قريشي سهروردي (اردو)شامل آهن. ڪاشف سومري شڪارپور مان ڪجهه وقت لاءِ اردو اخبار ’ادب نامه‘ به جاري ڪئي، جنهن جو چيف ايڊيٽر رهيو. ’مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘ جو صوبائي صدر به رهيو. ڪاشف حسين سومري، 7 جون 2012ع تي دل جي دورو پوڻ سبب جوانيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.25  عيسوي

اديب ۽ محقق ڪاشف حسين ولد عبدالجبار ’عبد‘ سومرو، 25 مارچ 1982ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.


2012.06.07  عيسوي

ڪاشف حسين سومري، 7 جون 2012ع تي دل جي دورو پوڻ سبب جوانيءَ ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول ميمڻ
سڪينه عتيق الزمان
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
ڄيٺواڻي هريڪانت
جهانگياڻي سنتداس
علي بابا
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
گنگا رام سمراٽ
سليم الله مخدوم پاٽائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون